گڏيل قومن پاران سوڊان ۾ ڊرون حملن ۾ شهرين جي فوتگين جي مذمت

گڏيل قومون- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن سوڊان ۾ شهرين ۽ اهم بنيادي ڍانچن تي لڳاتار  ڊرون حملن ۾ شهرين جي فوتگين جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ سوڊان جي ڪردفان رياست جي الدباب واري علائقي ۾ بازار تي ڊرون حملي ۾ ڪيترن ئي شهرين جي مارجي وڃڻ واري واقعي جي …

گڏيل قومون- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن سوڊان ۾ شهرين ۽ اهم بنيادي ڍانچن تي لڳاتار  ڊرون حملن ۾ شهرين جي فوتگين جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ سوڊان جي ڪردفان رياست جي الدباب واري علائقي ۾ بازار تي ڊرون حملي ۾ ڪيترن ئي شهرين جي مارجي وڃڻ واري واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اهي حملا انتهائي افسوسناڪ واقعا آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ لڳاتار ڊرون حملن جي نتيجي ۾ اهم بنيادي ڍانچن کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ حملن سبب آبادين کي پڻ نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومون  سوڊان تي حملن جي شديد مذمت ڪن ٿيون جن ۾ ڪيترائي شهري فوت ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ذاتي ايلچي هن وقت جنيوا ۾ موجود آهي جتي هو سوڊان ۾ امن ڪوششن جي حوالي سان مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ان اجلاس جو مقصد ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري گهرو ويڙه جي خاتمي جي خاتمي لاءِ حل ڳولهڻو آهي.

مزید خبریں