واشنگٽن -21 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين جي صدر ولاديميرزيلنسڪي تي زور ڀريو آهي ته هو روس سان معاهدو ڪري جنگ ختم ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جنگ چاهيون ٿا، ان لاءِ يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنسڪي روس سان معاهدو ڪري. جيڪڏهن معاهدو نٿو ڪري ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. آمريڪي صدر چيو ته اسان …
يوڪرين جو صدر روس سان معاهدو ڪري جنگ ختم ڪري: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن -21 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين جي صدر ولاديميرزيلنسڪي تي زور ڀريو آهي ته هو روس سان معاهدو ڪري جنگ ختم ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جنگ چاهيون ٿا، ان لاءِ يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنسڪي روس سان معاهدو ڪري. جيڪڏهن معاهدو نٿو ڪري ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. آمريڪي صدر چيو ته اسان يوڪرين کي وڏي مقدار ۾ امداد فراهم ڪئي آهي پر اسان کي بدلي ۾ ڪجهه ناهي مليو. مهانگي ڊيزل تي آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙ هاڻي ان مان تنگ اچي چڪا آهن. هن چيو ته هاڻي معاهدو ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي روس به ان مسئلي کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. آمريڪي صدر جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا جيو خصوصي صلاحڪار اسٽيووٽڪوف اوسلو ۾ يوڪرين جي صدر ۽ يورپي اڳواڻ سان ملاقات ڪئي. اطلاع موجب يوڪرين جي صدر اوسلو ۾ ٿيل ڳالهين کان پوءِ چيو ته ڳالهيون تعميري رهيون.











