واشنگٽن - 21 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي سرڪاري قرض گذريل ٻن مهينن دوران 4 کرب ڊالرن جي اضافي سان 404 کرب ڊالرز جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي کاتي جي جاري رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪا جا مجموعي سرڪاري قرض هن وقت اٽڪل 40.4 ٽريلين ڊالرز آهن جيڪي 19 آگسٽ جي قرض 40 ٽريلين ڊالرن جي رڪارڊ سطح تي پهچڻ کان پوءِ …
آمريڪي سرڪاري قرضن ۾ ٻن مهينن دوران 4 کرب ڊالرن اضافو، مجموعي ڳاڻيٽو 404 کرب ڊالرز ٿي ويو

مزید خبریں
واشنگٽن – 21 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي سرڪاري قرض گذريل ٻن مهينن دوران 4 کرب ڊالرن جي اضافي سان 404 کرب ڊالرز جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي کاتي جي جاري رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪا جا مجموعي سرڪاري قرض هن وقت اٽڪل 40.4 ٽريلين ڊالرز آهن جيڪي 19 آگسٽ جي قرض 40 ٽريلين ڊالرن جي رڪارڊ سطح تي پهچڻ کان پوءِ سرڪاري قرضن جي ڳاڻيٽي ۾ هڪ سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، آمريڪا جي اقتصادي ماهرن جي اڳڪٿين موجب ايندڙ هڪ ڏهاڪن دوران ملڪ جو قومي قرض وڌي مجموعي ملڪي پيداوار جي اٽڪل 120 سيڪڙو تائين پهچي ويندو، ان جو مطلب اهو آهي ته آمريڪي وفاقي حڪومت جو قرض پوري آمريڪي معيشت جي سالياني پيداوار کان به وڌي ويندو. آمريڪي حڪومت پنهنجي قومي قرض تي وياج جي ادائگين جي مد ۾ ساليانو اٽڪل 970 ارب ڊالرز خرچ ڪندي آهي جيڪو ان جي دفاعي خرچن کان به وڌيڪ آهي. 2020ع کان پوءِ ان مد ۾ آمريڪي خرچن ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي.











