واشنگٽن -21 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي ڪمپني اسپيس ايڪس جي هلندڙ مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي ۾ آمدني 14.6 بلين ڊالرن تائين پجهچي وئي آهي، اها وال اسٽريٽ جي 12.87 بلين ڊالرن جي ڪاٿي کان وڌيڪ آهي. ڪمپني جي آمدني ۾ گذريل سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 161 سيڪڙو جو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني في شيئر 0.35 ڊالرز جي ايڊجسٽيڊ آمدني حاصل …
آمريڪي ڪمپني اسپيس ايڪس جي ٽئين ٽه ماهي جي آمدني 14.6 بلين ڊالرن تائين پهچي وئي

مزید خبریں
واشنگٽن -21 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي ڪمپني اسپيس ايڪس جي هلندڙ مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي ۾ آمدني 14.6 بلين ڊالرن تائين پجهچي وئي آهي، اها وال اسٽريٽ جي 12.87 بلين ڊالرن جي ڪاٿي کان وڌيڪ آهي. ڪمپني جي آمدني ۾ گذريل سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 161 سيڪڙو جو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني في شيئر 0.35 ڊالرز جي ايڊجسٽيڊ آمدني حاصل ڪئي جيڪا تجزيو ڪندڙن جي 0.15 ڊالرز جي ڪاٿي موجب ٻيڻي کان به وڌيڪ آهي جڏهن ته ڪمپني جي خالص آمدني وڌي ڪري 4.4 بلين ڊالرز ٿي وئي جيڪا متوقع 1.88 بلين ڊالرز کان به وڌيڪ آهي. ڪمپني موجب آمدني ۾ تيز رفتار اضافي جو بنيادي سبب ان جو سپر انٽيليجنس (ايس آءِ) ڊويزن هيو جنهن 7.6 بلين ڊالرن جي آمدني حاصل ڪئي جيڪا 4.9 بلين ڊالرن جي ڪاٿي کان وڌيڪ آهي. ان اضافي ۾ اسٽار لنڪ جي صارفين ۾ وڌندڙ مقبوليت ۽ ڪاروباري ادارن ۽ حڪومتي کاتن سان معاهدن ۾ توسيع اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪمپني جي خلائي شعبي جي آمدني 1.8 بلين ڊالرز رهي، جيڪا 1.43 بلين ڊالرز جي مقرر هدف کان گهڻو وڌيڪ آهي.











