صنعتي علائقا ۽ ڪاروباري سرگرميون پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿيون، شهر جي صنعتي زونن جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي: بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي-20 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته صنعتي علائقا ۽ ڪاروباري سرگرميون پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿيون، جڏهن ته شهر جي صنعتي زونن جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڪراچيءَ جي صنعتي سرگرمين جو اهم مرڪز آهي ۽ هتي انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ جي حوالي سان جلد نمايان تبديلي نظر ايندي. صنعتي علائقن …

ڪراچي-20 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته صنعتي علائقا ۽ ڪاروباري سرگرميون پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿيون، جڏهن ته شهر جي صنعتي زونن جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڪراچيءَ جي صنعتي سرگرمين جو اهم مرڪز آهي ۽ هتي انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ جي حوالي سان جلد نمايان تبديلي نظر ايندي. صنعتي علائقن ۾ بنيادي سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملندي. ڪراچي سنڌ حڪومت ۽ شهري حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. سينيٽر تاج حيدر برج ۽ عثمان غني برج پڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڪورنگي جي عوام کي ڏنا آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ويزن آهي ته ملير، ڪورنگي، لانڍي سميت ڪراچيءَ ۾ رهندڙ عوام جا مسئلا ٻڌا وڃن ۽ شهرين جا مطالبا پورا ڪيا وڃن. انهيءَ ويزن تحت شهر جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن ۽ عوامي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) جي بندوبست هيٺ انفراسٽرڪچر جي بحاليءَ وارن ڪمن جو سنگِ بنياد رکڻ جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪاٽيءَ جو صدر محمد ريحان، زبير ڇايا، زاهد سعيد ۽ ٻيا ناميارا صنعتڪار پڻ موجود هئا. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ لاءِ 68 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ 149 نوان روڊ تعمير ڪيا ويندا. ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ شهرين کي اچ وڃ جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت خانگي شعبي جي سهڪار سان پڻ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ترقياتي ڪمن جو بنيادي مقصد عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ شهر جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته شهر جي ترقيءَ لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. عوام جا مسئلا ٻڌڻ، سندن شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۽ سماج جي مختلف طبقن وچ ۾ اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته سڙڪون ۽ پل تعمير ڪرڻ سان گڏ انساني رابطن کي مضبوط بڻائڻ پڻ ضروري آهي. ميئر ڪراچي ٻڌايو ته ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جا ٽينڊر مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻين منصوبن جا ٽينڊر ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن اندر مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. انهن منصوبن تي نومبر جي پهرئين هفتي ۾ ڪم شروع ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه روڊن جي تعمير ٽن کان چئن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڄام صادق پل کي وڌائي اٺ لينن وارو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪورنگي ڪاز وي پل جي تعمير سان صنعتڪارن، مزدورن، شاگردن ۽ ٻين شهرين کي اچ وڃ ۾ سهولت ملي رهي آهي. اهڙيءَ طرح بلوچ ڪالوني ايڪسپريس وي جي بهتري ۽ شهر جي مختلف اهم شاهراهن جي تعمير ۽ مرمت جا ڪم پڻ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته شاهراهه ڀٽو کان عائشه مسجد تائين لوپ جي تعمير جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن کي ايندڙ اڍائي کان ٽن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي سگنل فري رستي جي سهولت حاصل ٿيندي. هن ٻڌايو ته نيشنل هاءِ وي کي سپر هاءِ وي سان ملائيندڙ لنڪ روڊ جو ڪم پڻ مڪمل ٿيڻ جي مرحلن ۾ آهي، جڏهن ته ايم نائن انٽرچينج جي مڪمل ٿيڻ سان صنعتي علائقن تائين پهچ، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي نظام ۾ بهتري ايندي.هن چيو ته قائدآباد ڀرسان پل کي پڻ اٺ لينن ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي. حددخلين سبب پيدا ٿيل رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ لاءِ فنڊ پڻ موجود آهن. هن چيو ته ايندڙ ٻن کان اڍائي مهينن اندر پل جي توسيع سان شهرين کي درپيش ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن يلو لائن ۽ ريڊ لائن منصوبن بابت صنعتڪارن جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته لاڳاپيل وزيرن ۽ ادارن سان رابطي ۾ رهي ڪم ڪيو ويندو، جيئن تعميراتي سرگرمين دوران شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي. هن چيو ته منصوبن تي مرحليوار ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جيئن روڊن جي کوٽائي ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ وارن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. شاهراهه ڀٽو تي سيڪيورٽي جي معاملن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي گهرو وزير سان رابطو ڪري پوليس جي گشت، نگراني ۽ سيڪيورٽي ڪئميرائن جي لڳائڻ وارن انتظامن جو جائزو ورتو ويندو. ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ خطرناڪ اوورٽيڪنگ جي مسئلن جي حل لاءِ ٽريفڪ پوليس سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ميئر ڪراچي چيو ته ڪورنگي جي صنعتي علائقي ۾ زمين جي استعمال ۽ مهراڻ ٽائون جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن، خاص طور تي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) سان صلاح مشورا ڪيا ويندا. هن واضح ڪيو ته زمين جي استعمال ۾ تبديليءَ جا معاملا لاڳو ضابطن، ماسٽر پلان ۽ مقرر ڪيل چارجز موجب طئي ڪيا ويندا، جڏهن ته حاصل ٿيندڙ رقم علائقي جي انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ تي خرچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.فائر بريگيڊ جي نظام بابت ميئر ڪراچي چيو ته باهه وسائڻ واري نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ ٽينڊرنگ جو عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت جديد فائر ٽينڊرز، اسنارڪلز ۽ ڊرونز حاصل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي باهه وسائڻ لاءِ بورويل جي پاڻيءَ جي استعمال تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ خراب ۽ بند پيل فائر ٽينڊرز کي ٻيهر فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٽن مهينن اندر وڌيڪ 20 فائر ٽينڊرز روڊن تي آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي مالي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، جنهن سان شهري سهولتن ۽ هنگامي خدمتن جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جا موقعا پيدا ٿيندا. هن صنعتڪارن کي خاطري ڪرائي ته شهر جي ترقياتي منصوبن ۽ صنعتي علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ۽ صلاح مشورا جاري رکيا ويندا.

مزید خبریں