حيدرآباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪاري ڏينهن جي حوالي سان ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ هڪ هفتي تي ٻڌل تعليمي ۽ آگاهي سرگرمين جي شروعات ڪئي وئي، اسٽوڊنٽ ٽيچر انگيجمينٽ پروگرام جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل افتتاحي آگاهي سيمينار ۾ مسئلي ڪشمير جي تاريخي پسمنظر، ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ نوجوانن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو، …
سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪاري ڏينهن جي حوالي سان آگاهي سيمينار منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪاري ڏينهن جي حوالي سان ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ هڪ هفتي تي ٻڌل تعليمي ۽ آگاهي سرگرمين جي شروعات ڪئي وئي، اسٽوڊنٽ ٽيچر انگيجمينٽ پروگرام جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل افتتاحي آگاهي سيمينار ۾ مسئلي ڪشمير جي تاريخي پسمنظر، ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ نوجوانن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو، ان موقعي تي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام جي حقن ۽ جدوجهد بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ انهن سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو تعليم سان گڏ قومي ترقي، وطن جي دفاع ۽ پنهنجي اداري جي بهتريءَ لاءِ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، وائيس چانسلر ٿر جي شاگردن جي تعليمي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته ماضيءَ ۾ ٿر کي پوئتي پيل علائقو سمجهيو ويندو هو، پر اڄ اتي جا شاگرد سڄي ملڪ ۾ تعليم جي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوانن کي مناسب موقعا ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي ته هو هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مڃتا ماڻي سگهن ٿا، سيمينار جي خاص مقرر ۽ يوٿ ليڊرشپ اسڪول ڪراچيءَ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمار سبزواري چيو ته ڪشميري عوام کي پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن نوجوانن کي ملڪ جا سفير قرار ڏيندي چيو ته سندن ذميواري آهي ته هو ڪشميري عوام جي مسئلن، خواهشن ۽ حقن بابت آگاهي پيدا ڪن ۽ اثرائتن رابطن توڙي تعليمي ذريعن وسيلي سندن يڪجهتيءَ جو پيغام عالمي برادريءَ تائين پهچائين، اسٽوڊنٽ ٽيچر انگيجمينٽ پروگرام (اسٽيپ) جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت لاءِ جدوجهد هڪ اهم مسئلو آهي. هن چيو ته تعليمي ادارا مسئلي ڪشمير جي تاريخي ۽ انساني پهلوئن بابت نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، سيمينار ۾ استادن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. هفتي وار سرگرمين جي سلسلي ۾ تقريرن ۽ سوال جواب جا مقابلا، سيمينار، شاگردن ۽ استادن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ مرڪزي يادگار تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي. انهن سرگرمين جو مقصد مسئلي ڪشمير بابت آگاهي، بامقصد ڳالهه ٻولهه ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ آهي.










