شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ بريسٽ ڪينسر آگاهي سيمينار منعقد

لاڙڪاڻو - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ بريسٽ ڪينسر بابت جاڳرتا لاءِ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، بريسٽ ڪينسر جي مرض جي بروقت تشخيص ۽ علاج جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ”اميدِ گلابي 2026“ جي عنوان هيٺ آگاهي سيمينار يونيورسٽي جي آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي خاص مهمان وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه هئي، جڏهن ته ايونٽ جي …

لاڙڪاڻو – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ بريسٽ ڪينسر بابت جاڳرتا لاءِ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، بريسٽ ڪينسر جي مرض جي بروقت تشخيص ۽ علاج جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ”اميدِ گلابي 2026“ جي عنوان هيٺ آگاهي سيمينار يونيورسٽي جي آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي خاص مهمان وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه هئي، جڏهن ته ايونٽ جي چيئرمين پروفيسر اڪليمان اسد ابڙو شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته ڪينسر جي وڌندڙ ڪيسن جي سببن کي سمجهڻ لاءِ سائنسي تحقيق کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته غربت، وڌندڙ آبادي، صحت بابت آگاهيءَ جي کوٽ ۽ عطائي معالج جي غيرسائنسي علاج جا طريقا عوامي صحت لاءِ وڏا چئلينج آهن.

هن وڌيڪ چيو ته موروثي بيمارين جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ جينياتي صلاح مشوري ۽ شاديءَ کان اڳ مناسب طبي رهنمائيءَ کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، جڏهن ته ويجهن مائٽن ۾ شاديءَ سبب موروثي بيمارين جو خطرو وڌي سگهي ٿو. هن زور ڀريو تہ بريسٽ ڪينسر بابت خوف ۽ سماجي هٻڪ ختم ڪري عورتن کي بروقت طبي معائني ۽ علاج لاءِ همٿايو وڃي. سيمينار دوران پروفيسر ڊاڪٽر ساره فاطمه، ڊاڪٽر مسرت، ڊاڪٽر حفيظ الله سومرو، ڊاڪٽر اقرا ۽ ڊاڪٽر شگفته سولنگيءَ بريسٽ ڪينسر بابت غلط فهمين، ابتدائي علامتن، بريسٽ سيلف ايگزامينيشن، دير سان علاج ڪرائڻ جي نقصانن، تشخيص ۽ علاج جي مختلف طريقن بابت مفيد ڄاڻ فراهم ڪئي. ماهرن واضح ڪيو ته سيني ۾ ڪنهن به غيرمعمولي تبديليءَ جي صورت ۾ طبي ماهر سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي ۽ سيلف ايگزامينيشن ڊاڪٽر جي معائني يا تجويز ڪيل ٽيسٽن جو متبادل ناهي. ماھرن ٻڌايو تہ صحت جي عالمي اداري (WHO) جي انگن اکرن موجب، سال 2024ع ۾ دنيا ۾ لڳ ڀڳ 24 لک عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جي تشخيص ٿي، جڏهن ته تقريباً 6 لک 94 هزار فوتگيون ٿيون. ٻئي طرف، انٽرنيشنل ايجنسي فار ريسرچ آن ڪينسر (IARC) جي  GLOBOCAN 2022ع جي اندازن موجب، پاڪستان ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جا لڳ ڀڳ 30,682 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ هن مرض سبب لڳ ڀڳ 15,552 فوتگين جو اندازو لڳايو ويو. اهي انگ اکر بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي، بروقت تشخيص ۽ مناسب علاج جي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا. سيمينار ۾ عبدالصمد ڀٽي جو لکيل اسٽيج ڊرامو ”اميدِ گلابي“ پڻ پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف ڪردار نڀايا. ڊرامي ذريعي بريسٽ ڪينسر بابت غلط فھمين، خوف ۽ سماجي هٻڪ کي اجاگر ڪندي آگاهي، خاندان جي سهڪار ۽ بروقت علاج جو پيغام ڏنو ويو، سيمينار جي پڄاڻيءَ تي بريسٽ ڪينسر بابت عوامي شعور وڌائڻ ۽ مريضن سان يڪجھتيءَ جي اظهار لاءِ پنڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو. سيمينار ۾ ڊين پروفيسر شاھدہ مگسي، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر شاھد حسين سومرو، پرنسپال نرسنگ ڪاليج نذير احمد ٻرڙو، ڊاريڪٽر فزيوٿراپي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار سميت سموري فيڪلٽي، صحت جي شعبي سان لاڳاپيل عملي، عام عورتن سان گڏوگڏ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں