لاڙڪاڻو-20 آڪٽوبر (اي پي پي) رتوديرو جي اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد مهر چيو آهي ته موسمياتي تبديلي، وڌندڙ گرمي پد ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. زميندار پنهنجي ٻنين ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين، جڏهن ته هر شهري پنهنجي گهر، پاڙي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ وڻن جي پوکي کي هٿي وٺرائي. ان سان گڏ رستن ۽ …
موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڻن جي پوکي لازمي آهي:اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد مهر

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-20 آڪٽوبر (اي پي پي) رتوديرو جي اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد مهر چيو آهي ته موسمياتي تبديلي، وڌندڙ گرمي پد ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. زميندار پنهنجي ٻنين ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين، جڏهن ته هر شهري پنهنجي گهر، پاڙي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ وڻن جي پوکي کي هٿي وٺرائي. ان سان گڏ رستن ۽ واهن جي ڪنارن تي موجود وڻن جي حفاظت پڻ يقيني بڻائين ۽ وڻن جي غير قانوني واڍي ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪري لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون ديرو ۾ واقع راشدي نرسري فارم تي ٻوٽو لڳائڻ جي موقعي تي اظهار ڪيو. هن چيو ته وڻ قدرتي ماحول کي بهتر بڻائڻ، گرمي پد ۾ اضافي جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ صحتمند ماحول مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان ڪري وڻن جي پوکي کي رڳو هڪ سرگرمي نه پر اجتماعي ذميواري سمجهڻ گهرجي.ان موقعي تي رتوديرو جي مختيارڪار انصار احمد مڱريو چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي شهر نئون ديرو کي خوبصورت، سرسبز ۽ ماحولياتي گدلاڻ کان پاڪ بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. شهر ۾ غير قانوني قبضن جو خاتمو، صفائي سٿرائي کي بهتر بڻائڻ ۽ سرسبز ماحول کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.ان موقعي تي سيد سراج راشدي، ڪاشف کوکر، نديم چنا ۽ اياز ميراڻي سميت ٻيا ماڻهو پڻ موجود هئا.











