لاڙڪاڻو پوليس جا 04 مختلف هنڌن تي ڌاڙيلن سان مبينا مقابلا، 04 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار،  04 عدد ٽي ٽي پسٽل، ڪرولا ڪار ۽ وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ

لاڙڪاڻو - 20  آڪٽوبر (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس 04 مختلف هنڌن تي ڌاڙيلن سان مبينا مقابلا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 04 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 04 عدد ٽي ٽي پسٽل، ڪرولا ڪار ۽ وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب پهريون پوليس مقابلو سچل ٿاڻي  جي حد وڳڻ روڊ واري علائقي ۾ ٿيو. مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ …

لاڙڪاڻو – 20  آڪٽوبر (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس 04 مختلف هنڌن تي ڌاڙيلن سان مبينا مقابلا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 04 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 04 عدد ٽي ٽي پسٽل، ڪرولا ڪار ۽ وڏي مقدار ۾ گٽڪو هٿ ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب پهريون پوليس مقابلو سچل ٿاڻي  جي حد وڳڻ روڊ واري علائقي ۾ ٿيو. مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ ڌاڙيل احمد علي چانڊيو کي پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي،ٻيون پوليس مقابلو وليد ٿاڻي جي حد آريجا روڊ واري علائقي ۾ پيش آيو،مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ ڌاڙيل غلام شبير گوپانگ کي پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي،ٽيون پوليس مقابلو ڪنگا ٿاڻي جي حد وڪيا سانگي روڊ واري علائقي ۾ پيش آيو،مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ ڌاڙيل بقا دايو کي پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي،چوٿون پوليس مقابلو حيدري ٿاڻي  جي حد جمالي لاڙو واري علائقي ۾ پيش آيو، ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ گٽڪا سپلائر سليم بروھي کي هڪ عدد پسٽل، ڪرولا ڪار ۽ وڏي مقدار ۾ گٽڪن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي،شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻو شھر سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۽ سنگين ڏوھن ۾ ملوث آهن. زخمي ڌاڙيلن جي فرار ٿي ويل ساٿين جي ڳولا پڻ جاري آهي.

مزید خبریں