واشنگٽن-20 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي، هن ڪيف تي زور ڀريو آهي ته هو روس جي آئل ريفائنرين کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب جي ڊي وينس ڊجيٽل پليٽ فارم 2 وي کي انٽرويو ۾ چيو ته يوڪرين نيٽو جو ميمبر ناهي ، سندس خيال ۾ ان کي اتحاد ۾ …
يوڪرين کي نيٽو جو ميمبر نه هجڻ گهرجي: آمريڪا

مزید خبریں
واشنگٽن-20 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي، هن ڪيف تي زور ڀريو آهي ته هو روس جي آئل ريفائنرين کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب جي ڊي وينس ڊجيٽل پليٽ فارم 2 وي کي انٽرويو ۾ چيو ته يوڪرين نيٽو جو ميمبر ناهي ، سندس خيال ۾ ان کي اتحاد ۾ شامل به نه هجڻ گهرجي . آمريڪي نائب صدر يوڪرين کي واشنگٽن جو باضابطه اتحادي قرار ڏيڻ کان به پاسو ڪيو. هن چيو ته جيتري قدر کيس ڄاڻ آهي آمريڪا ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو به باضابطه دفاعي اتحاد موجود ناهي. روس جي آئل ريفائنرين تي يوڪرين جي حملن جي حوالي سان جي ڊي وينس چيو ته ڪيف کي اهي حملا بند ڪرڻ گهرجن.











