واشنگٽن -20 آڪتوبر(اي پي پي) آمريڪي حڪومت يوڪرين کي پيٽرياٽ فضائي نظام لاءِ انٽر سيپٽر ميزائلن جي فراهمي جي منظوري ناهي ڏني. پرڏيهي ميڊيا واشنگٽن پوسٽ جي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ٻين ملڪن ذريعي يوڪرين کي پيٽرياٽ ميزائل فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري ڪارروائي مڪمل ناهي ڪئي. رپورٽ موجب دفاع واري وزير انهن ميزائلن جي فراهمي کي روڪڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. …
آمريڪا يوڪرين کي پيٽرياٽ ميزائلن جي فراهمي جي منظوري ناهي ڏني واشنگٽن پوسٽ

مزید خبریں
واشنگٽن -20 آڪتوبر(اي پي پي) آمريڪي حڪومت يوڪرين کي پيٽرياٽ فضائي نظام لاءِ انٽر سيپٽر ميزائلن جي فراهمي جي منظوري ناهي ڏني. پرڏيهي ميڊيا واشنگٽن پوسٽ جي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ٻين ملڪن ذريعي يوڪرين کي پيٽرياٽ ميزائل فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري ڪارروائي مڪمل ناهي ڪئي. رپورٽ موجب دفاع واري وزير انهن ميزائلن جي فراهمي کي روڪڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. جڏهن ته ان جي منظوري لاءِ گهربل طريقي ڪار به مڪمل ناهي ڪيو. انهن ميزائلن کي ڪنهن ٽئين ملڪ منتقل ڪرڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي منظوري ضروري آهي. گذريل هفتي هڪ آمريڪي نشرياتي اداري رپورٽ ڪيو هو ته يوڪرين وٽ پيٽرياٽ ميزائلن جو ذخيرو ختم ٿي چڪو آهي.











