اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال ۾ اڳڀرائي تي خيالن …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات، پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











