اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ آئيني گهُرجن مطابق لاڳو ڪيو ويو آهي، هن قدم جو مقصد صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي. سومر تي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته …
خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ آئيني گهُرجن موجب لاڳو ڪيو ويو آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ آئيني گهُرجن مطابق لاڳو ڪيو ويو آهي، هن قدم جو مقصد صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي. سومر تي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ آئين جي لاڳاپيل آرٽيڪلز تحت صدارتي فرمان جاري ڪيو ويو، جنهن جي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ بعد ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان توثيق ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومت هي قدم آئيني طريقيڪار مطابق کنيو آهي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جا مُک سبب صوبائي حڪومت طرفان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهربل تعاون نه ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال تي اثرائتو ڌيان نه ڏيڻ شامل آهن. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪيترائي ڀيرا صوبائي حڪومت سان رابطو ڪري تعاون جي درخواست ڪئي پر سندس مطابق گهربل تعاون فراهم نه ڪيو ويو. هن چيو ته دهشتگردي جو خاتمو صوبي جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي. امن کانسواءِ عوامي مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن، تنهن ڪري وفاقي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته صوبي ۾ قائم ڪيل ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ مختلف کاتن جا تجربيڪار ۽ لاڳاپيل شعبن جا ماهر شامل آهن. سندس مطابق هن ڪائونسل ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي جو نمائندو شامل نه ڪيو ويو آهي، پر انتظامي معاملن کي هلائڻ لاءِ لاڳاپيل شعبن جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ 12 ضلعن کي ڪليئر ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ اتي امن امان جون ذميواريون سول انتظاميا جي حوالي ڪيون وينديون. هن پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري رهنديون.










