نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دوشنبي ۾ ايس سي او اجلاس ۾ شريڪ وفدن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده پاران شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وفدن جي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوشنبي ۾ منعقد آجياڻي ۾ ٻين وفدن جي سربراهن، چين جي …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده پاران شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وفدن جي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوشنبي ۾ منعقد آجياڻي ۾ ٻين وفدن جي سربراهن، چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم، روس، قازقستان، ازبڪستان ۽ بيلاروس جي وزيراعظمن سميت منگوليا جي نائب وزيراعظم پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں