اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ ويٽنام جي سفير فام آنه توان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ بيشمار موقعا موجود آهن، خوبصورت نظارن ۽ مهمان نواز ماڻهن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو، پاڪستان کي ٻاهرين تاثرن کان تمام گهڻو مختلف ڏٺو آهي. هن اها ڳالهه ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چئي. ويٽنامي سفير چيو ته آئون پهريون ڀيرو پاڪستان آيو آهيان ۽ …
پاڪستان بي پناهه سياحتي موقعا رکندڙ خوبصورت ۽ متاثر ڪندڙ ملڪ آهي: ويٽنامي سفير فام آنه توان

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ ويٽنام جي سفير فام آنه توان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ بيشمار موقعا موجود آهن، خوبصورت نظارن ۽ مهمان نواز ماڻهن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو، پاڪستان کي ٻاهرين تاثرن کان تمام گهڻو مختلف ڏٺو آهي. هن اها ڳالهه ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چئي. ويٽنامي سفير چيو ته آئون پهريون ڀيرو پاڪستان آيو آهيان ۽ پاڪستان پهچي مون کي تمام گهڻو متاثر ڪندڙ تجربو ٿيو. هن چيو ته پاڪستاني ماڻهو تمام گهڻا مهمان نواز آهن. هتي اچڻ کان اڳ آئون آفريڪا ۾ مقرر هئس ۽ جڏهن پاڪستان ۾ منهنجي مقرري ڪئي وئي ته مون پاڪستان جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ان بابت مطالعو به ڪيو. هن چيو ته هتي اچڻ کان اڳ منهنجي ذهن ۾ سيڪيورٽي سميت ڪيترائي سوال هئا پر هتي رهڻ دوران مهمان نوازي ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيس. هتي جا ماڻهو سخي ۽ انتهائي دوستاڻا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ٻي شيءِ جنهن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، اهي پاڪستان جا خوبصورت نظارا آهن. مون کي هنزه، گلگت، اسڪردو ۽ سوات سميت پاڪستان جي ڪجهه علائقن جو دورو ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مون کي يقين آهي ته هتي جا نظارا انتهائي پُرڪشش ۽ متنوع آهن. آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ بيشمار موقعا موجود آهن.










