اسلام آباد-19 آڪٽوبر (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي تازن بيانن کي بي بنياد، حقيقتن جي ابتڙ ۽ اقتدار کان محرومي سبب ڪاوڙ جو اظهار قرار ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف هميشه مولانا تي ڊيزل پرمٽس، 1200 کان وڌيڪ شهيدن جي پلاٽن جي غلط استعمال ۽ جي ايڇ ڪيو مان مبينه ملڪيتن جي الاٽمينٽ ڪرائڻ جا …
پي ٽي آءِ مولانا فضل الرحمان تي ڪرپشن ۽ پرمٽس جا الزام لڳايا، اڄ هو ڪهڙي منهن سان انهن جو بيانيو اختيار ڪري رهيا آهن: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-19 آڪٽوبر (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي تازن بيانن کي بي بنياد، حقيقتن جي ابتڙ ۽ اقتدار کان محرومي سبب ڪاوڙ جو اظهار قرار ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف هميشه مولانا تي ڊيزل پرمٽس، 1200 کان وڌيڪ شهيدن جي پلاٽن جي غلط استعمال ۽ جي ايڇ ڪيو مان مبينه ملڪيتن جي الاٽمينٽ ڪرائڻ جا سنگين الزام لڳايا پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ مولانا فضل الرحمان اقتدار ۾ حصو نه ملڻ جي بدلي ۾ انهي موقف ۽ بيان جي وڪالت ڪري رهيو آهي. سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان گذريل ڪجهه ڏينهن کان انتهائي ڪاوڙ ۽ جوش واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهي، جيتوڻيڪ اسلام ڪاوڙ جي حالت ۾ خاموشي ۽ هوش مندي جي تلقين ڪري ٿو. هن چيو ته مولانا جو بنيادي ڏُک اقتدار ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت جو نه ملڻ آهي، پر اقتدار عوام جي ووٽن سان ملندو آهي ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام کيس رد ڪري ڇڏيو. هاڻي جيڪڏهن سياسي محرومي مقدر بڻجي چڪي آهي ته پوءِ ان جي آڙ ۾ قومي ادارن ۽ پاڪ فوج کي نشانو بڻائڻ ڪنهن به طرح جائز ناهي. حنيف عباسي واضح ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ ضروري ٿي، ڇاڪاڻ ته اڳوڻي پي ٽي آءِ حڪومت مڪمل طور تي نا اهل ٿي چڪي هئي ۽ دهشتگرد 12 کان وڌيڪ ضلعن ۾ گهُمي رهيا هئا. صوبائي حڪومت دهشتگردن، منشيات ۽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي اسمگلنگ جي سهولتڪار بڻجي چڪي هئي، جڏهن ته سون ۽ معدنيات جي اربين رپين جي ٺيڪن جي ورڇ جاري هئي. هن چيو ته صوبائي حڪومت پنجاب، سنڌ يا بلوچستان جي طرز تي پنهنجي پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي مضبوط نه ڪيو، نه ئي بڪتر بند گاڏيون ۽ بلٽ پروف جيڪٽون ڏنيون، پر ڪروڙين پختون عوام کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو. وفاقي وزير چيو ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، ڏڦيڙ ختم ٿي چڪو آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار ۽ وفد ٻيهر ملڪ جو رُخ ڪري رهيا آهن. هن اعلان ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي ان وقت تائين برقرار رهندي جيستائين آخري دهشتگرد جو مڪمل خاتمو نٿو ٿي وڃي. معدنيات جي حوالي سان مبينا پرڏيهي معاهدن جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي حنيف عباسي چيو ته مولانا فضل الرحمان زباني الزام لڳائڻ بدران پرمٽ، ايگريمنٽ يا دستاويز قوم آڏو آڻي ته ملڪ کي ڪهڙي زمين يا کاڻ ڪنهن پرڏيهي قوت کي وڪرو ڪئي وئي آهي. هن سوال اٿاريو ته جڏهن ماضي ۾ سوات آپريشن ٿيو ۽ دهشتگرد مارگلا جي ٽَڪرين تائين پهچي ويا هئا ته ڇا اهو آپريشن به ڪنهن معدنيات يا تيل ۽ گئس لاءِ هو؟ حنيف عباسي چيو ته پاڪ فوج ۽ شهيدن جي لازوال قربانين جو پگهارن سان مقابلو ڪرڻ انتهائي شرمناڪ ۽ دل ٽوڙيندڙ آهي. سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان سرحدن تي پگهارن لاءِ نه پر وطن جي تقدس ۽ ‘لا اله الا الله’ جي نظريي لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪن ٿا. پاڪ فوج ۾ پختون، پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ ڪشميري سڀ هڪ جهنڊي هيٺ متحد آهن، تنهن ڪري صوبائي، لساني يا مذهبي ڪارڊ کيڏي ادارن کي ورهائڻ جي ڪوشش دشمن جي ايجنڊا کي مضبوط ڪرڻ جي برابر آهي. هن مولانا فضل الرحمان کي صلاح ڏني ته 1971ع جو مثال ڏئي شهيدن جي زخمن تي لوڻ نه هڻي، پر پنهنجي عمر ۽ حيثيت مطابق هوشياري ۽ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته انفرادي طور تي ڪنهن شخص تي سياسي تنقيد ڪرڻ ۽ پوري قومي اداري تي حملو ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. مسلم ليگ (ن) يا ميان نواز شريف ڪڏهن به شهيدن جي قربانين جي توهين نه ڪئي ۽ نه ئي فوجي جوانن جي رَت کي تڪراري بڻايو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا صاحب وٽ نه ته ثبوت آهن ۽ نه ئي دليل، هو اقتدار کان محروم ٿيڻ جي ڪاوڙ ۾ رياست ۽ ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، ان لاءِ اهو ئي بهتر آهي ته هو دشمن جي بياني جو حصو بڻجڻ بدران هوشياري جو رستو اختيار ڪري.










