اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن کي سرڪاري پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ 6 سالن جو مدو پورو ڪرڻ جو شرط غير ضروري امتياز آهي، ان کي ختم ڪري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن لاءِ هڪجهڙا قاعدا جوڙڻ گهرجن. سومر ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر عبدالقادر پاران بليو پاسپورٽ بابت پيش ڪيل رٿ تي ڳالهائيندي وفاقي …
سينيٽ ميمبرن کي سرڪاري پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ 6 سالن جو مدو پورو ڪرڻ جي شرط هڪ غير ضروري امتياز آهي، هڪجهڙا قاعدا جوڙڻ گهرجن: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن کي سرڪاري پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ 6 سالن جو مدو پورو ڪرڻ جو شرط غير ضروري امتياز آهي، ان کي ختم ڪري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن لاءِ هڪجهڙا قاعدا جوڙڻ گهرجن. سومر ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر عبدالقادر پاران بليو پاسپورٽ بابت پيش ڪيل رٿ تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جا ميمبر حلف کڻڻ کانپوءِ سرڪاري پاسپورٽ لاءِ اهل ٿي ويندا آهن جڏهن ته سينيٽ ميمبرن کي هي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو 6 سالن جو مدو پورو ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سينيٽر مدو مڪمل ٿيڻ کان ٻه، ٽي يا ڪجهه مهينا اڳ استعيفيٰ ڏئي ٿو ته هو هن سهولت کان محروم ٿي ويندو آهي، هن فرق کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جا اڳوڻا ميمبر به سياسي ۽ سفارتي سرگرمين ۾ حصو وٺندا آهن ۽ مختلف پارٽين جي نمائندگي ڪندي عالمي تقريبن ۽ بين الپارلياماني يونين جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا آهن، تنهن ڪري سرڪاري پاسپورٽ سان لاڳاپيل ضابطن ۾ هڪجهڙائي هجڻ گهرجي. هن چيو ته اڳوڻن ۽ موجوده پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪفالت هيٺ ٻارن کي 28 سالن جي عمر تائين سرڪاري پاسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي تجويز تي پارٽين ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ جي به اميد آهي. جڏهن ته سندس موجب هن سهولت جو دائرو ۽ اهل ماڻهن جي انگ کي مناسب طور تي محدود ۽ منظم ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته سرڪاري پاسپورٽ ڪنهن به اعزاز يا ذاتي حيثيت جي علامت نه آهن، پر سرڪاري معاملن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته گريڊ 21 ۽ 22 جي رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جي ٻارن کي 28 سالن جي عمر تائين سرڪاري پاسپورٽ فراهم ڪرڻ سان لاڳاپيل ضابطن ۾ موجود خامين جو به جائزو وٺي انهن کي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻارن کي سرڪاري پاسپورٽ جي بنياد تي عزت ۽ حيثيت حاصل ڪرڻ بدران پنهنجي محنت ۽ صلاحيت سان پنهنجو مستقبل ٺاهڻ گهرجي.










