راولپنڊي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر ٿيل برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب جي نئين سفير ڊاڪٽر راجح طامي البقمي جنرل هيدڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي هن چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان سعودي سفير ڊاڪٽر راجح طامي البقمي جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر ٿيل برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب جي نئين سفير ڊاڪٽر راجح طامي البقمي جنرل هيدڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي هن چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي معزز شخصيتن مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي فريم ورڪ تحت هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي تعاون، اداري جاتي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ اثرائتو بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي سفير کي نيون سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس مقرري دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل عقيدي، گڏيل اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿ ملندي.











