اسلام آباد/سيئول- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ منعقد ”گلوبل اي آءِ اينڊ ڊجيٽل سمٽ 2026ع“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي ماڊلز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ”سو ويرن اي آءِ“ (خودمختار مصنوعي ذهانت) کي هٿي ڏيڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي، هي عالمي سمٽ …
وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه جي ڏکڻ ڪوريا ۾ ”گلوبل اي آءِ اينڊ ڊجيٽل سمٽ 2026ع“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي

مزید خبریں
اسلام آباد/سيئول- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ منعقد ”گلوبل اي آءِ اينڊ ڊجيٽل سمٽ 2026ع“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي ماڊلز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ”سو ويرن اي آءِ“ (خودمختار مصنوعي ذهانت) کي هٿي ڏيڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي، هي عالمي سمٽ ڪوريائي حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سڄي دنيا مان وزيرن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن شرڪت ڪئي. سمٽ جي منسٽريل اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي ”نيشنل اي آءِ پاليسي 2025ع“ ۽ ملڪ ۾ جديد ڊجيٽل انفرااسٽرڪچر جي حوالي سان ٿيل ٺوس اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ ڊجيٽل اينڊ اي آءِ ڪمپيڪٽ 30-2026ع هاڻي حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جيڪو ملڪ ۾ ڊجيٽل انقلاب جي راهه هموار ڪندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت سال 2035ع تائين 12 ترجيحي شعبن جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ”نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان“ منظور ڪري ورتو آهي. جامع حڪومتي سڌارن جي مثبت اثرن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته گڏيل قومن جي اي – گورنمينٽ ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان نمايان طور تي 14 درجا بهتري حاصل ڪئي آهي جيڪا پاليسين جي درست رخ ۾ ٿيل واضح ثبوت آهي. انساني وسيلن جي ترقي جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اعلان ڪيو ته حڪومت 10 لک غير آءِ ٽي پيشيور ماڻهن کي اي آءِ جي بنيادي ۽ جديد تربيت فراهم ڪندي، جڏهن ته ان شعبي ۾ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ هزار پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون. هن عالمي ادارن تي زور ڀريو ته منصوعي ذهانت جي منصفاڻي ۽ محفوظ استعمال لاءِ عالمي سطح تي موثر قانونسازي جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ ڊيٽا سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ شفاف قانوني فريم ورڪ جوڙيو پيو وڃي. سمٽ جي سائيڊ لائنز تي وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه ٽيڪنالاجي ڪمپني ”گوگل“ جي نائب صدر ولسن وائٽ سان به اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ گوگل وچ ۾ طئي ٿيل هاڻوڪن معاهدن ۽ ڊجيٽل منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.











