تخليقي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت ۽ لاهور چيمبر گڏجي ڪم ڪندا: اورنگزيب خان کچي

لاهور- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته قومي ثقافتي ورثو، روايتي فن ۽ هٿ جي هنر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، تخليقي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت ۽ لاهور چيمبر گڏجي ڪم ڪندا. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري …

لاهور- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته قومي ثقافتي ورثو، روايتي فن ۽ هٿ جي هنر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، تخليقي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت ۽ لاهور چيمبر گڏجي ڪم ڪندا. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. لاهور چيمبر جي صدر علي حسام اصغر، سينئر نائب صدر سردار عثمان غني، نائب صدر چوڌري خادم حسين ۽ وفاقي سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته پاڪستان جي ثقافتي ورثي، روايتي فن ۽ هٿ جي هنر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. هن ٻڌايو ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي مفاهمتي يادداشتن جو انگ هڪ سال ۾ 23 کان وڌي 40 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جا 6 ماڳ يونيسڪو جي عالمي ورثي جي مستقل فهرست ۾ شامل آهن. هن پاڪستان جي عالمي ثقافتي ورثي جي ماڳن جي حوالي سان ڀارت جي 30 ۽ چين 60 هنڌن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي تاريخي ورثي جي عالمي سطح تي سڃاڻپ وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير ٻڌايو ته هلندڙ سال ٻن تاريخي ماڳن کي يونيسڪو جي مستقل عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته لاهور کي 27-2026ع لاءِ شنگھائي تعاون تنظيم جو سياحتي ۽ ثقافتي گادي جو هنڌ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تحت لاهور ۾ 3 کان 4 وڏا ثقافتي پروگرام منعقد ڪرڻ جو منصوبو آهي، جڏهن ته ڪراچي، اسلام آباد ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي ثقافتي شرڪت کي به هٿي ڏني ويندي. هن لوڪ ميلا کي پاڪستان جو عالمي ثقافتي پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو ته پاڪستاني فنڪارن ۽ ڪاريگرن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا ويندا. هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان مفاهمت جي يادداشت تي تعاون، گڏيل ثقافتي سرگرميون، تربيتي ورڪشاپس ۽ ڪاريگرن جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ڀائيواري جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستان جي روايتي هٿ جي هنر، فن ۽ ثقافتي ورثي کي عالمي مارڪيٽن تائين پهچائي روزگار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي. لاهور چيمبر جي صدر علي حسام اصغر تخليقي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ان سان معيشت کي اربين ڊالرن جو فائدو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافتي شين کي عالمي سطح تي اهم انداز ۾ متعارف ڪرائڻ ضروري آهي، ان مقصد لاءِ ڪاريگرن، ڊيزائنرز، صنعتڪارن ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ضروري آهي ته جيئن روايتي شين جي قدر ۾ اضافو ۽ انهن جي عالمي مارڪيٽنگ ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته لاهور چيمبر تخليقي معيشت کي فروغ ڏيڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪندو. هن وفاقي وزير کي ڪاروبار سان لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم لاءِ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو.

مزید خبریں