پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو عالمي ڏهاڙو سومر 19 آڪٽوبر تي ملهايو ويو. ان ڏهاڙي کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر (بريسٽ ڪينسر) جي وقت سر سڃاڻپ، علاج ۽ ان بيماري کان تحفظ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ آهي. عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو عالمي ڏهاڙو سومر 19 آڪٽوبر تي ملهايو ويو. ان ڏهاڙي کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر (بريسٽ ڪينسر) جي وقت سر سڃاڻپ، علاج ۽ ان بيماري کان تحفظ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ آهي. عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خصوصي پيغامن ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عورتون پنهنجي صحت کي ترجيح ڏين ۽ ڪنهن به علامت جي صورت ۾ بنا ڪنهن هَٻڪ جي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. ڇاتي جي ڪينسر کان آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف سرڪاري، غير سرڪاري، سماجي، طبي ادارن ۽ تنظيمن جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ جي مختلف اسپتالن ۽ ادارن ۾ آگاهي سيمينارز، مفت اسڪريننگ ڪئمپس ۽ واڪس جو اهتمام ڪيو ويو ته جئين شهري علائقن سميت ڳوٺاڻن ۽ ڏورانهن پٺتي پيل علائقن جي عورتن تائين به معلومات ۽ سهولتن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.

مزید خبریں