اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 453.63 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 165966.08 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 572 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جن مان 163 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 302 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 107 …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، 100 انڊيڪس 453.63 پوائنٽس گهٽجي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 453.63 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 165966.08 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 572 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جن مان 163 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 302 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 107 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام ۾ رهيون. مجموعي طور تي 370.94 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي ماليت 19.56 ارب رپيا رهي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 112.91 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 49203.74 پوائنٽس تي بند ٿيو، جڏهن ته اسلامي ماليات جي اصولن مطابق ڪاروبار ڪندڙ ڪمپينن تي ٻڌل ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 619.59 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 239287.90 پوائنٽس تي اچي ويو. فيوچر ٽريڊنگ تحت مجموعي طور تي 7.64 ارب رپيا ماليت جا سودا طئي ٿيا، ڪاروباري سرگرمين دوران پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي 52.93 ملين، سنر جي ڪوآپريشن لميٽيڊ جي 35.78 ملين ۽ ٽي پي ايل ٽريڪر لميٽيڊ جي 14.35 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، ازگارڊ نائن لميٽيڊ، يوني ڪيپ مضاربه ۽ ڊنڊوٽ سيمينٽ ڪمپني لميٽيڊ سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











