پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ ٻطرفو سياسي مشاورتي اجلاس، ڌرين پاران ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ گڏيل سياسي مشاورتي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ گڏيل سياسي مشاورتي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون دور ورچوئل منعقد ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) سفير عائشه علي ڪئي، جڏهن ته ليٿوانيا پاران نائب وزير ودمانتاس وربيڪاس وفد جي سربراهي ڪئي. مشاورت جي دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو ورتو، جنهن ۾ سياسي لاڳاپا، واپار ۽ اقتصادي رابطا، عوامي سطح تي رابطا، قونصلر معاملا ۽  گهڻ رخو تعاون شامل هو. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ، ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ، نجي شعبي ۾ تعاون ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ ڊيجيٽل خدمتن جي شعبن ۾ حصيداري تي خصوصي زور ڏنو ويو. ٻنهي طرفن کان عوامي سطح تي رابطن کي آسان بڻائڻ جي قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جن ۾ ويزا ۽ قونصلر معاملا، پيشيور ماڻهن، شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي اچ وڃ کي آسان بڻائڻ شامل هو. گهڻ رخي تعاون جي حوالي سان ٻنهي ڌرين ويجهي رابطي جو جائزو ورتو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ليٿوانيا جي وفد ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن ٻطرفي رابطن جو تسلسل برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور گڏيل اتفاق سان طئي ٿيل تاريخن تي منعقد ٿيندو.

مزید خبریں