سنڌ حڪومت ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، شروعاتي تشخيص، جديد علاج ۽ سستين دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، شروعاتي تشخيص، جديد علاج ۽ سستين دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته ڪنهن به عورت کي مالي تنگدستيءَ سبب علاج کان محروم نه رکيو ويندو. ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهيءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير …

ڪراچي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، شروعاتي تشخيص، جديد علاج ۽ سستين دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته ڪنهن به عورت کي مالي تنگدستيءَ سبب علاج کان محروم نه رکيو ويندو. ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهيءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته بيماريءَ جي وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج سان قيمتي انساني زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن ٻڌايو ته سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ نيشنل بريسٽ ريڊيالوجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان وچ ۾ معاهدي تحت صوبي جي 60 سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين جي اٽڪل 2 لک 60 هزار شاگردن تائين آگاهي پهچائي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته بلقيس ايڌي بريسٽ ريڊيئيشن سينٽر ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا مريضن کي جديد ريڊيوٿراپي جون مفت سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جنهن جي روزاني لڳ ڀڳ 160 مريضن جي علاج جي گنجائش آهي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين پهچ وڌائڻ ۽ سرڪاري، نجي توڙي خيراتي ادارن جي سهڪار سان علاج جون سهولتون بهتر بڻايون وينديون. وڏي وزير چيو ته ڪينسر جي مهانگين دوائن جي فراهميءَ کي سستو بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان آسان منظوريءَ وارو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ دوائن جي مقامي تياريءَ کي هٿي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ضروري قانوني منظوريون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مقامي طور تي تيار ڪيل ضروري ڪينسر جون دوائون سرڪاري اسپتالن ذريعي مفت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن عورتن تي زور ڀريو ته ڇاتيءَ ۾ ڪنهن به غيرمعمولي تبديليءَ جي صورت ۾ بنا دير طبي صلاح وٺن. وڏي وزير چيو ته حڪومت جو مقصد آگاهي، شروعاتي سڃاڻپ، جديد علاج ۽ سستين دوائن ذريعي سنڌ جي هر عورت تائين معياري صحت جون سهولتون پهچائڻ آهي.

مزید خبریں