ڪوئيٽا- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، قلات ۽ گوادر ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم چار دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت آهي. هن پسني ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي دوران شهيد ٿيل ميجر وجاهت وحيد کي به خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سندس گهرڀاتين …
بلوچستان جي وڏي وزير پاران قلات، گوادر ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش
ڪوئيٽا- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، قلات ۽ گوادر ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم چار دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت آهي. هن پسني ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي دوران شهيد ٿيل ميجر وجاهت وحيد کي به خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ ڪاميابيون ساراهه جوڳيون آهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته شهيد ميجر وجاهت وحيد وطن جي دفاع ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، قوم کي پنهنجي بهادر پُٽ تي فخر آهي. شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ سلامتي جي ضمانت آهن. وڏي وزير چيو ته عزم استحڪام تحت غير ملڪي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي. بلوچستان ۾ امن امان جي قيام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ دهشتگردي خلاف ڪارروائيون جاري رکيون وينديون.












