راولپنڊي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته سعودي عرب جي خودمختياري،علائقائي سلامتي خاص طور تي حرمين الشريفين جو تحفظ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، حرمين الشريفين جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، پاڪستان جو موقف بلڪل واضح ۽ صاف آهي، پاڪستان جو پيغام اسان جي سياسي قيادت ۽ فيلڊ مارشل ذريعي اڳ ئي سامهون اچي چڪو …
سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سلامتي خاص طور تي حرمين الشريفين جو تحفظ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي: پاڪ فوج جو ترجمان
راولپنڊي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته سعودي عرب جي خودمختياري،علائقائي سلامتي خاص طور تي حرمين الشريفين جو تحفظ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، حرمين الشريفين جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، پاڪستان جو موقف بلڪل واضح ۽ صاف آهي، پاڪستان جو پيغام اسان جي سياسي قيادت ۽ فيلڊ مارشل ذريعي اڳ ئي سامهون اچي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا (انڊپينڊيٽ عربيه) کي خصوصي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سعودي عرب ۾ مقدس ماڳن تي حملن جي حوالي سان پاڪستاني عوام، سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ آهي، هن چيو ته تڪرارن جا لاها چاڙها ڪنهن به سطح تي وڌائڻ سان ڪنهن ملڪ کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، وچ اوڀر جي فوجي تڪرار کي وڌيڪ پکيڙڻ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، ڳالهين ذريعي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ضروري آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڳالهين واري حل ۾ ناڪامي ۽ فوجي ٽڪراءُ جي صورت ۾ مڪه الائنس جو اجتماعي ڊيٽرنس يقينن حرڪت ۾ ايندو، مڪه الائنس جي قيادت ۽ لائحه عمل واضح آهي ته ان اتحاد جو ڪو به جارحاڻو ارادو ناهي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه پنهنجي عوام سميت سڄي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته مسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، تڪرارن کي ڪنهن به سطح تي وڌائڻ سان ڪنهن کي فائدو نه ٿيندو، هي اتحاد ڪنهن خاص ملڪ خلاف ناهي پر ان جو بنيادي مقصد خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ آهي.












