دوحه- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام، ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي هن قطر جي دانشمنداڻي سفارتڪاري ۽ امن ڪوششن جي تعريف ڪئي. قطر جي گادي واري هنڌ دوحه ۾ منعقد گلوبل سيڪيورٽي فورم 2026ع کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير …
پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام، ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: محسن نقوي
دوحه- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام، ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي هن قطر جي دانشمنداڻي سفارتڪاري ۽ امن ڪوششن جي تعريف ڪئي. قطر جي گادي واري هنڌ دوحه ۾ منعقد گلوبل سيڪيورٽي فورم 2026ع کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران پاڪستان هميشه امن ۽ ڳالهين جي رستي جي چونڊ ڪئي. هن ان کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سندس عالمي اڳواڻن سان رابطا ۽ مسلسل سفارتي ڪوششن ڳالهين جي راهه هموار ڪئي. هن ٻڌايو ته تهران جي دورن ۽ اعلٰ سطح جي رابطن جي نتيجي ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي، جڏهن ته سوئٽزرلينڊ ليڪ لوزين سمٽ ۾ پاڪستان ۽ قطر ٽياڪڙ جو اهم ڪردار ادا ڪيو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدو دفاعي تعاون جو مظهر آهي ن ئي جنگ جو، ڇاڪاڻ ته ڪو به ملڪ پنهنجي ڀرپاسي ۾ تڪرارن جي موجودگي ۾ ڊگهو امن حاصل نه ٿو ڪري سگهي. دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قربانين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اسان جي هزارين شهرين، فوجين ۽ پوليس اهلڪارن جانيون قربان ڪيون ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ به هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل انٽيليجنس شيئرنگ ۽ ويجهو تعاون اڻٽر آهي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي هن واضح ڪيو ته پاڪستان جنگيون روڪرائڻ جو ڪو به ڪريڊٽ نه ٿو چاهي پر هڪ اهڙو پر امن مستقبل چاهي ٿو جتي جنگيون شروع ئي نه ٿين.












