ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ گئس جي شعبي ۾ سڌارن بابت اجلاس، نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊي ريگيوليشن جي تجويز ڪيل لائحه عمل جو جائزو ورتو

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گئس جي شعبي ۾ سڌارن تي مرحليوار ۽ مشاورت ذريعي عملدرآمد ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته گئس جي شعبي ۾ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ، آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتري، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ صارفين جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائيندي گئس جي وڌيڪ چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ سمورين …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گئس جي شعبي ۾ سڌارن تي مرحليوار ۽ مشاورت ذريعي عملدرآمد ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته گئس جي شعبي ۾ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ، آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتري، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ صارفين جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائيندي گئس جي وڌيڪ چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ سمورين ڪوششن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي پاڪستان جي گئس جي شعبي ۾ نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊي ريگيوليشن جي تجويز ڪيل لائحه عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چئي. اجلاس ۾ شعبي جي مالي استحڪام، آپريشنل ڪارڪردگي، صارفين جي مفادن جي تحفظ ۽ نجي شعبي جي وڌ کان وڌ شرڪت تي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تجويز ڪيل سڌارن جو مقصد گئس جي هڪ اهڙي مالي طور تي پائيدار، ڪارآمد ۽ مقابلي واري مارڪيٽ قائم ڪرڻ آهي، جنهن سان ڪاروباري سرگرمين کي سهارو ملي، نجي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ صارفين جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ موثر ضابطاڪاري، آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ گئس جي قيمتن جي تعين ۽ فراهمي لاءِ وڌيڪ پائيدار طريقيڪار تحت مرحليوار چٽاڀيٽي واري نظام طرف اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ گئس جي شعبي کي درپيش اهم مسئلن جو جائزو ورتو ويو جن ۾ گردشي قرض، مختلف صارفين لاءِ قيمتن ۾ گڏيل رعايت (ڪراس سبسڊي) گئس جي غير حساب ٿيل نقصان (يو ايف جي) ۽ گهرج ۽ پهچ ۾ عدم توازن شامل آهن. شرڪت ڪندڙن ماضي جي مالي بقايائن جي حل، گئس يوٽيلٽي ڪمپنين جي مالي حيثيت کي بهتر بڻائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته ماضي جا مالي مسئلا تجويز ڪيل مارڪيٽ جي ڍانچي کي متاثر نه ڪن ۽ صارفين تي به غير ضروري بار نه پوي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته گردشي قرض جي اڳوڻين رهتن جو پائيدار حل ۽ ڪراس سبسڊي جي خاتمي يا ان ۾ سڌاري لاءِ واضح حڪمت عملي، نئين سر جوڙجڪ کان پوءِ قائم ٿيل ادارن جي مالي استحڪام ۽ مقابلي واري مارڪيٽ ڏانهن منتقلي لاءِ نهايت اهم آهي. اجلاس ۾ تجويز ڪيل سڌارن جي فريم ورڪ جي متوقع نتيجن تي پڻ غور ڪيو ويو، جنهن ۾ توانائي جو تحفظ ۽ فراهمي جو استحڪام، نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافو، مالياتي ۽ حڪومتي ضمانتن سان لاڳاپيل خطرن ۾ گهٽتائي، ڪاروباري ادارن وچ ۾ گئس جي سڌي ريت خريد ۽ وڪري کي هٿي ڏيڻ، قيمتن ۾ وڌيڪ استحڪام ۽ پائيداري، روانگي واپار ڪندڙن کي چٽاڀيٽي وارن اگههن تي گئس جي بهتر دستيابي ۾ ڪارڪردگي جي موثر معيارن ۽ ڪارڪردگي سان مشروط مراعتن ذريعي نظام ۾ گئس جي نقصانن ۾ گهٽتائي شامل آهن. وفاقي ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سڀني لاڳاپيل ڌرين کي سڌارن جي اهڙي عملي ۽ لاڳو ڪرڻ جهڙي نظام تي متفق ڪيو وڃي جنهن تي مؤثر طريقي سان عملدرآمد ممڪن هجي. تجويز ڪيل فريم ورڪ جي تياري ترڪيه ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن ۾ گئس جي شعبي جي سڌارن جي عالمي تجربن مان فائدو کنيو ويو، جڏهن ته پاڪستان جي اداراجاتي ڍانچي، مارڪيٽ جي حالتن ۽ صارفين جي مفادن کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته سڌارن مرحليوار ۽ مناسب ترتيب سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن گئس جي فراهمي جو تسلسل برقرار رهي، ضابطه جاتي نظام تحت ايندڙ صارفين جي مفادن جو تحفظ ٿئي ۽ شعبي جي شموليت لاءِ هڪ مستحڪم ۽ متوقع ماحول فراهم ڪري سگهجي.

مزید خبریں