سنڌ جي گورنر پاران قلات ۽ گوادر ۾ 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

ڪراچي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي قلات ۽ گوادر ۾ 4 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي خلاف ڪارروائي ۾ ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب سيد محمد نهال هاشمي، شهيد ميجر وجاهت وحيد جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد جي ڪٽنب …

ڪراچي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي قلات ۽ گوادر ۾ 4 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي خلاف ڪارروائي ۾ ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب سيد محمد نهال هاشمي، شهيد ميجر وجاهت وحيد جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. پاڪستان جي سلامتي، امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون خدمتون ناقابل فراموش آهن. هن وڌيڪ چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم متحد آهي.

مزید خبریں