اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ملڪ جي اڪثر علائقن تي خشڪ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ملڪ جي اڪثر علائقن تي خشڪ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ٿڌي رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد مٺي 40، ڪراچي، ٺٺو، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












