حافظ طاهر محمود اشرفي جي پاڪستان ۾ مقرر فلسطين جي سفير سان ملاقات

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي سومر ڏينهن هتي پاڪستان ۾ مقرر فلسطين جي سفير ڊاڪٽر زهير محمد حمد الله زيد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن عالم اسلام جي صورتحال ۽ فسلطين، خاص ڪري مسجد اقصيٰ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن حوثي دهشتگردن طرفان سعودي عرب تي ٿيندڙ حملن ۽ فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي طرفان …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي سومر ڏينهن هتي پاڪستان ۾ مقرر فلسطين جي سفير ڊاڪٽر زهير محمد حمد الله زيد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن عالم اسلام جي صورتحال ۽ فسلطين، خاص ڪري مسجد اقصيٰ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن حوثي دهشتگردن طرفان سعودي عرب تي ٿيندڙ حملن ۽ فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي طرفان ڪيل دهشتگردي جي ڀرپور مذمت ڪئي. هن چيو ته حرمين شريفين، مملڪت سعودي عرب ۽ فلسطين هر مسلمان لاءِ ريڊ لائين آهي. هن وڌيڪ چيو ته الله جي ٽنهي حرمن سان مسلمانن جي محبت لازوال آهي.

مزید خبریں