اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان سان گڏيل قومن جي صنعتي ترقي واري اداري (يونيڊو) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ صنعتي ترقي، عالمي تعاون، موسمياتي تبديلي، توانائي، چٽاڀيٽي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت موجب ملاقات دوران هارون اختر خان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ان ويزن کي اجاگر …
صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سان يونيڊو جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان سان گڏيل قومن جي صنعتي ترقي واري اداري (يونيڊو) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ صنعتي ترقي، عالمي تعاون، موسمياتي تبديلي، توانائي، چٽاڀيٽي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت موجب ملاقات دوران هارون اختر خان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ان ويزن کي اجاگر ڪيو جنهن جو مقصد پائيدار صنعتي ترقي، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ ۽ معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ ذريعي پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ روانگي واپار تي ٻڌل صنعتي معيشت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان صنعتي ترقي، معاشي استحڪام ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال طرف گامزن آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ جي وڏي نوجوان آبادي هڪ اهم قومي اثاثو آهي، جڏهن ته صنعتي ترقي کانسواءِ پائيدار معاشي اڳڀرائي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي صنعتي پاليسي جوڙي وئي آهي، جنهن جو مقصد صنعتي ترقي لاءِ واضح رخ مقرر ڪرڻ، پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ۽ملڪي معيشت جي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن زور ڀريو ته واپاري خساري تي ضابطو اڻڻ لاءِ روانگي واپار تي ٻڌل معاشي اوسر کي هٿي ڏيڻ سان گڏ امپورٽ جي متبادل مقامي مصنوعات جي تياري ۽ مقامي مينوفيڪچرنگ کي به سگهه ڏيڻ ضروري آهي.موسمياتي تبديلي جو ذڪر ڪندي هارون اختر خان چيو ته ان جا ناڪاري اثر پاڪستان جي زرعي پيداوار ۽ صنعتي سرگرمين کي نمايان طور تي متاثر ڪري رهيا آهن، هن موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ، پائيدار توانائي جو حل اختيار ڪرڻ ۽ موسمياتي خطرن جي مقابلي جي صلاحيت رکندڙ صنعتي ترقي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. يونيڊو جي وفد پاڪستان سان تعاون جي موقعن کي ساراهيندي ميمبر ملڪن وچ ۾ تجربن، فني مهارت ۽ بهترين عملي طريقيڪار جي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڀريو. وفد تجديد جوڳي توانائي، خاص ڪري شمسي توانائي، کي گڏيل تعاون لاءِ هڪ اهم شعبو قرار ڏنو. وفد تجديد جوڳي توانائي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي، صنعتي ويليو چينز کي مضبوط بڻائڻ ۽جديد ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي طريقن ذريعي پيداواري صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت تي به زور ڀريو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستان ۽ يونيڊو وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائي وزيراعظم جي ان ويزن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، جنهن جو مقصد پاڪستان کي هڪ چٽاڀيٽي، پائيدار ۽ روانگي واپار تي ٻڌل صنعتي معيشت بڻائڻ آهي، ان مقصد لاءِ سيڙپڪاري، جدت، مقامي مينوفيڪچرنگ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.












