اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي)جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کنيو آهي، جسٽس عامر فاروق کانئس حلف ورتو. وفاقي آئيني عدالت پاڪستان پاران جاري پڌرائي مطابق چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان پرڏيهه جي دوري تي آهي، سندس غيرموجودگي ۾ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وقتي چيف جسٽس جون ذميواريون انجام ڏيندو. پڌرائي …
جسٽس حسن اظهر رضوي وفاقي آئيني عدالت جي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي)جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کنيو آهي، جسٽس عامر فاروق کانئس حلف ورتو. وفاقي آئيني عدالت پاڪستان پاران جاري پڌرائي مطابق چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان پرڏيهه جي دوري تي آهي، سندس غيرموجودگي ۾ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وقتي چيف جسٽس جون ذميواريون انجام ڏيندو. پڌرائي مطابق وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب وفاقي آئيني عدالت ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ عدالت جي ججن، وڪيلن جي نمائندن ۽ آفيسرن سرڪت ڪئي. حلف کڻڻ کان پوءِ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وقتي چيف جسٽس جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته آئيني عدالتن جي عالمي تنظيم پاران وفاقي آئيني عدالت پاڪستان کي مبصر جو درجو ڏنو ويو هو، وفاقي آئيني عدالت پاڪستان کي آذربائيجان ۾ 19 کان 24 آڪٽوبر تائين ورڪنگ وزٽ ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني وئي آهي. پڌرائي مطابق وقتي چيف جسٽس جي مقرري جو مقصد چيف جسٽس جي غير موجودگي ۾ عدالت جي عدالتي ۽ انتظامي معاملن جو تسلسل برقرار رکڻ آهي.










