اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال روانگي واپار 100 ارب ڊالر تائين پهچائڻ لاءِ مشن 100 ارب ڊالرز جحڪمت عملي تي عمل ڪندي چيو آهي، ته اڏام پاڪستان تحت 8 ترجيحي شعبن ۾ ڪلسٽرز جي بنياد ترقي ۽ عالمي سپلاءِ چينز سان مضبوط رابطا قائم ڪرڻا پوندا ته جيئن ملڪ معاشي خودمختياري حاصل ڪندي پنهنجي ترقي لاءِ گهربل وسيلا …
مشن 100 ارب ڊالرز، اڏام پاڪستان تحت 8 ترجيحي شعبن ۾ ڪلسٽرز جي بنياد تي ترقي ۽ عالمي سپلاءِ چينز سان مضبوط رابطا قائم ڪرڻا پوندا: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال روانگي واپار 100 ارب ڊالر تائين پهچائڻ لاءِ مشن 100 ارب ڊالرز جحڪمت عملي تي عمل ڪندي چيو آهي، ته اڏام پاڪستان تحت 8 ترجيحي شعبن ۾ ڪلسٽرز جي بنياد ترقي ۽ عالمي سپلاءِ چينز سان مضبوط رابطا قائم ڪرڻا پوندا ته جيئن ملڪ معاشي خودمختياري حاصل ڪندي پنهنجي ترقي لاءِ گهربل وسيلا پاڻ پيدا ڪري سگهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) ۾ پاڪستان سوسائٽي آف اڪنامسٽس جي 39هين سالياني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي اهڙو معاشي نظام جوڙڻو پوندو جيڪو پنهنجي خوشحالي جا وسيلا پاڻ پيدا ڪري، ترقي لاءِ مالي وسيلا فراهم ڪري ۽ معاشي مستقبل جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. هن انگن اکرن جي ڀيٽ ڪندي ٻڌايو ته ڪئلينڊر سال 2024ع ۾ پاڪستان جي شين جو روانگي واپار اٽڪل 32.3 ارب ڊالرز هو جڏهن ته بنگلاديش جو روانگي واپار 47.2 ارب ڊالر، ملائيشيا جو 330.4 ارب ڊالر ۽ويٽنام جو 404.8 ارب ڊالر هو. انهن ۾ خدمتن جو روانگي واپار شامل نه هو، پروفيسر احسن اقبال چيو ته معاشي استحڪام برقرار رکندي پيداواري صلاحيت ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ چٽاڀيٽي وڌائڻ ضروري آهي ته جيئن پرڏيهي ادائگين جي مسلسل دٻاءَ تي ضابطو آڻي سگهجي. ان مقصد لاءِ اهڙا روانگي واپار ڪندڙ ڪلسٽرز قائم ڪرڻا پوندا جتي پيداواري ادارن کي ماهر سپلائرز، هنرمند افرادي قوت، يونيورسٽين، تحقيقي ليباريٽرين، مالي وسيلن، چر پر جي سهولتن ۽ عالمي خريدارن سان مربوط رابطا ڪري سگهجن- 18 آڪٽوبر (اي پي پي). هن چيو ته روانگي واپار کي وڌائڻ جي حڪمت عملي تحت زراعت، صنعت، مينيوفيڪچرنگ، خدمتن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين، افرادي قوت ۽ هنرمندي، سامونڊي معيشت ۽ تخليقي صنعتن تي ڌيان ڏنو ويندو، ڪلسٽرز جي رٿابندي خريدارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪرڻ گهرجي، سيڙپڪاري، تربيت، بنيادي ڍانچي ۽ معيار کي عالمي مارڪيٽن ۾ دستياب موقعن سان هم آهنگ ڪرڻ گهرجي. هن پائيڊ ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو روانگي واپار ڪندڙ ڪلسٽرز ۽ پيداواري زنجيرن جي ترقي لاءِ قابل عمل منصوبا تيار ڪن جن ۾ ترجيحي مصنوعات، هدفي مارڪيٽ، پيداواري سگهه ۾ گهٽتائي، ذميوار ادارن، خرچن ۽ عملدرآمد جي وقت جي واضح نشاندهي ڪئي وڃي.










