اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پسني ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جي ميجر جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ عبدالعليم خان ميجر وجاهت وحيد شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته وطن جي دفاع ۽ امن جي …
مواصلات واري وفاقي وزير پاران پسني ڌماڪي ۾ ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پسني ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جي ميجر جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ عبدالعليم خان ميجر وجاهت وحيد شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي، ميجر وجاهت وحيد شهيد فرضن جي ادائگي دوران پنهنجي حياتي جو نذرانو پيش ڪيو، شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي ضمانت آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ميجر وجاهت وحيد شهيد جا درجات بلند فرمائي ۽ ڪٽنب جي ڀاتين کي صبر عطا فرمائي.










