لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو - 19 آڪٽوبر(اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب سچل ٿاڻي  جي حد وڳڻ روڊ تي واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن ۽ گشت تي مقرر پوليس آمھون سامھون ٿي پيا، مبينا مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي،زخمي حالت ۾ گرفتار ڌاڙيل جي سڃاڻپ احمد علي پٽ سونهارو چانڊيو طور ٿي …

لاڙڪاڻو – 19 آڪٽوبر(اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب سچل ٿاڻي  جي حد وڳڻ روڊ تي واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن ۽ گشت تي مقرر پوليس آمھون سامھون ٿي پيا، مبينا مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي،زخمي حالت ۾ گرفتار ڌاڙيل جي سڃاڻپ احمد علي پٽ سونهارو چانڊيو طور ٿي آهي جيڪو لعلو رائنڪ قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جو رهواسي آهي،شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ سنگين ڏوھن ۽ مختلف ٿاڻن جي اندر ڪيسن ۾ ملوث آهي،فرار ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.