نائب وزيراعظم جي صدارت ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي برآمدات جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل عملدارن کي کاڌي پيتي جي ضروري شين جي اضافي پيداوار جي برآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب نائب وزيراعظم جي صدارت ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي برآمدات جو جائزو …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل عملدارن کي کاڌي پيتي جي ضروري شين جي اضافي پيداوار جي برآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب نائب وزيراعظم جي صدارت ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي برآمدات جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي پهچ ۽ طلب، مارڪيٽ جي موجوده صورتحال ۽ عالمي منڊين تائين پهچ جي موقعن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويو ته واپار کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي مناسب دستيابي ۽ قيمتن جو استحڪام پڻ يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۽ موسمياتي تبديلي وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، واپار ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارن سيڪريٽرين سميت وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں