چين جي هاڪي ٽيم ميچ کيڏڻ پاڪستان پهچي وئي، پي ايڇ ايف پاران شاندار استقبال

لاهور-19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي اهتمام هيٺ عالمي راندين کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تحت چين جي مشهور گوانگ ڊونگ هاڪي ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي، مهمان ٽيم مختلف شهرن ۾ ميچون کيڏندي. پاڪستان آمد تي پي ايڇ ايف جي اعليٰ اختيارين ۽ عهديدارن ايئرپورٽ تي چيني ٽيم جو والهاڻو استقبال ڪيو. پي ايڇ ايف ترجمان موجب چين جي گوانگ …

لاهور-19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي اهتمام هيٺ عالمي راندين کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تحت چين جي مشهور گوانگ ڊونگ هاڪي ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي، مهمان ٽيم مختلف شهرن ۾ ميچون کيڏندي. پاڪستان آمد تي پي ايڇ ايف جي اعليٰ اختيارين ۽ عهديدارن ايئرپورٽ تي چيني ٽيم جو والهاڻو استقبال ڪيو. پي ايڇ ايف ترجمان موجب چين جي گوانگ ڊونگ هاڪي ٽيم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ راندين جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ  ميل ثابت ٿيندو. ان دوري سان نه رڳو پاڪستاني رانديگرن کي عالمي سطح تي پنهنجين صلاحيتن کي اڀارڻ جو موقعو ملندو پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي جا رشتا به وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

مزید خبریں