ميڊرڊ-19 آڪٽوبر (اي پي پي) ريال ميڊرڊ اسٽار رانديگر ونيسئس جونيئر جي غير موجودگي باوجود شاندار راند پيش ڪندي اسپين جي فٽ بال ليگ ۾ سيويلا کي 1-4 تان هارائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ريال ميڊرڊ جي اسپينش ليگ لاليگا ۾ ستين ڪاميابي آهي. ان ڪاميابي کان پوءِ ريال ميڊرڊ پوائنٽس ٽيبل تي پهريون نمبر بار سلونا کان رڳو 6 پوائنٽس پوئتي آهي. ٻئي روايتي مخالف ايندڙ هفتي سيزن …
اسٽار رانديگر وينيسئس جي غيرموجودگي ۾ به ريال ميڊرڊ جي ڪاميابي

مزید خبریں
ميڊرڊ-19 آڪٽوبر (اي پي پي) ريال ميڊرڊ اسٽار رانديگر ونيسئس جونيئر جي غير موجودگي باوجود شاندار راند پيش ڪندي اسپين جي فٽ بال ليگ ۾ سيويلا کي 1-4 تان هارائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ريال ميڊرڊ جي اسپينش ليگ لاليگا ۾ ستين ڪاميابي آهي. ان ڪاميابي کان پوءِ ريال ميڊرڊ پوائنٽس ٽيبل تي پهريون نمبر بار سلونا کان رڳو 6 پوائنٽس پوئتي آهي. ٻئي روايتي مخالف ايندڙ هفتي سيزن جي پهرين ال ڪلاسيڪو ۾ آمهون سامهون ٿيدا . ريال ميڊرڊ پاران ارداگولر 30هين منٽ ۾ پهريون گول ڪيو جڏهن ته ڪيلين ايمباپي ڪجهه دير کانپوءِ ٻيو گول ڪري برتري ٻيڻي ڪري ڇڏي. ڪيلين ايمباپي 63 هين منٽ ۾ پينالٽي تي پنهنجو ٻيو گول به اسڪور ڪيو. سيويلا جي مانو بوئينو 80هين منٽ ۾ خسارو گهٽ ڪيو جڏهن ته يان ديو ماندي ميچ ختم ٿين کان 8 منٽ اڳ گول ڪري ريال ميڊرڊ جي ڪاميابي يقيني بڻائي ڇڏي. ونيسئس جونيئر 4 ميچن جي ڪاميابي سبب ان مقابلي ۾ شريڪ ناهي ٿيو. ان ڪاميابي سميت ريال ميڊرڊ جي 9 مان 7 ميچن ۾ ڪاميابي کانپوءِ 22 پوائنٽس ٿيون آهن. ۽ هاڻي پوائنٽس ٽيبل تي ٻي نمبر تي موجود آهي. بارسلونا جي ٽيم سڀ کان وڌيڪ 27 پوائنٽس سان ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي آهي.











