پيرس - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ملڪ ۾ تازي پرتشدد بدامني کانپوءِ گهرو وزير لوران نونيز جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون جي آفيس جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته فرانس جي صدر چيو آهي، ته لوران نونيز کي پنهنجي عهدي تي برقرار رهي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ماڻهن کي منهن ڏيڻ لاءِ جلد …
فرانس جي صدر گهرو وزير جي استعيفيٰ منظور نه ڪئي

مزید خبریں
پيرس – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ملڪ ۾ تازي پرتشدد بدامني کانپوءِ گهرو وزير لوران نونيز جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون جي آفيس جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته فرانس جي صدر چيو آهي، ته لوران نونيز کي پنهنجي عهدي تي برقرار رهي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ماڻهن کي منهن ڏيڻ لاءِ جلد نئين حڪمت عملي ۽ قدم کڻڻ گهرجن. هن تشدد جي واقعن جو ذميوار سيڪيورٽي ادارن جي رٿابندي ۽ انٽيليجنس معلومات جمع ڪرڻ ۾ ناڪامي کي قرار ڏنو. اها بدامني سڄي ملڪ ۾ زندگي گذارڻ جي وڌندڙ خرچن ۽ خدمتن جي بگڙجندڙ صورتحال خلاف وسيع پئماني تي ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن کان پوءِ سامهون آئي آهي. فرانس جي صدر جي آفيس مطابق لوران نونيز گذريل ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته صدر کيس عهدي تي برقرار رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته موجوده صورتحال ۾ مسلسل قيادت جي ضرورت آهي.










