نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 19 ۽ 20 آڪٽوبر تي ايس سي او جي سي ايڇ جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 19 ۽ 20 آڪٽوبر تي تاجڪستان جي شهر دوشنبي ۾ ٿيندڙ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. سُومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جي وزيراعظم …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 19 ۽ 20 آڪٽوبر تي تاجڪستان جي شهر دوشنبي ۾ ٿيندڙ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. سُومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ بيلاروس، چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم، ايران جو نائب صدر ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير پنهنجي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا. سي ايڇ جي شنگھائي تعاون تنظيم جو ٻيون اعليٰ ترين فيصلا ساز ادارو آهي جيڪو تنظيم جي اقتصادي، مالياتي، واپار، ڪوآرڊينيشن، ڪاروبار، سماجي ۽ اقتصادي تعاون ۽ بجيٽ سان لاڳاپيل معاملن تي رهنمائي فراهم ڪندو آهي. سي ايڇ جي هڪ گڏيل اعلان، بيانن ۽ اهم فيصلن جي منظوري به ڏيندو. دوري دوران، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪندو، جڏهن ته سي ايڇ جي اجلاس جي موقع تي شنگھائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پنهنجن هم منصبن سان ٻطرفيُون ملاقاتون پڻ ڪندو.

مزید خبریں