راولپنڊي - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۽ گوادر ۾ موثر انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ گروه ”فتنه الهندستان“ جي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو جڏهن ته پسني ۾ آپريشن دوران ديسي طور تيار ڪيل ڌماڪيدار مادي (آءِ اي ڊي) جي ڌماڪي ۾ جٿي جي قيادت ڪندڙ ميجر وجاهت وحيد فرضن جي راهه ۾ شهادت ماڻي. پاڪ فوج جي …
قلات ۽ پسني ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، فتنه الهندستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر وجاهت شهيد ٿي ويو: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۽ گوادر ۾ موثر انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ گروه ”فتنه الهندستان“ جي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو جڏهن ته پسني ۾ آپريشن دوران ديسي طور تيار ڪيل ڌماڪيدار مادي (آءِ اي ڊي) جي ڌماڪي ۾ جٿي جي قيادت ڪندڙ ميجر وجاهت وحيد فرضن جي راهه ۾ شهادت ماڻي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) موجب انٽيليجنس ايجنسين گوادر ضلعي جي تعلقي پسني جي علائقي شادي ڪور ۽ قلات ضلعي جي علائقي جهٽڪ آباد ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الهندستان جي ڪيترين ئي پناهگاهن جي موجودگي جو اطلاع ڏنو جنهن سبب مقامي آبادي کي شديد خطره هئا. مقامي آبادي جي تحفظ ۽ علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز انهن علائقن ۾ آپريشنز ڪري رهيون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق پهرين واقعي ۾ 18 آڪٽوبر 2026ع تي سيڪيورٽي فورسز قلات ضلع جي علائقي جهٽڪ آباد ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران اسان جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 4 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو. ان دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو. ٻئي واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسز گوادر ضلعي جي تعلقي پسني جي علائقي شادي ڪور ۾ ڪليئرنس آپريشنز جو سلسلو شروع ڪيو. انهن مان هڪ آپريشن دوران ليڊ فورس جي جٿي کي جنهن جي قيادت ميجر وجاهت وحيد (عمر 34 سال، رهندڙ لاهور) ڪري رهيو هو. هڪ ديسي طور تيار ڪيل بم سان نشانو بڻايو ويو. ڌرتيءَ جي ان بهادر سپوت ميجر وجاهت وحيد اتي فرض جي راهه ۾ عظيم قرباني ڏيندي شهادت ماڻي. علائقي ۾ موجود ڪنهن به وڌيڪ دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري رهندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان جي فيڊرل اپيڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل ويزن عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي روڪٿام جي مسلسل مهم پوري قوت سان جاري رهندي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ مدد ڏيندڙ دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.











