چين جي ڪمپني پاران سنڌ ۾ قومي شاهراهه اين-فائيو جي بحالي جو ڪم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن لميٽيڊ کي سنڌ ۾ قومي شاهراهه اين فائيو جي مخصوص حصن جي بحالي لاءِ چونڊيو ويو آهي. ويلٿ پاڪستان کي مليل سرڪاري دستاويزن موجب مواصلات واري وزارت تحت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ان منصوبي تي عمل ڪي رهي آهي.قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) 27 فيبروري 2026ع تي منصوبي جي منظوري ڏني هئي. چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن لميٽيڊ کي سنڌ ۾ قومي شاهراهه اين فائيو جي مخصوص حصن جي بحالي لاءِ چونڊيو ويو آهي. ويلٿ پاڪستان کي مليل سرڪاري دستاويزن موجب مواصلات واري وزارت تحت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ان منصوبي تي عمل ڪي رهي آهي.قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) 27 فيبروري 2026ع تي منصوبي جي منظوري ڏني هئي. چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن لميٽيڊ کي ان منصوبي جو واڪ ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته معاهدي جو مسودو به صحيحين لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، منصوبي لاءِ چين پاران 100 ملين ڊالرز جي مالي مدد جو وعدو ڪيو ويو آهي. ٺيڪيدار جي چونڊ ان بحالي منصوبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي اهم ترين قومي شاهراهن مان هڪ جي اهم حصن کي بهتر بڻائڻ آهي.

مزید خبریں