اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ هلندڙ مالي سال 27-2026ع دوران سنڌ جي 46 ڳوٺن ۽ علائقن تائين قدرتي گئس جي بنيادي ڍانچي کي واڌ ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، جنهن تي 1.922 ارب روپيا لاڳت جو ڪاٿو آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب انهن منصوبن تحت ضلعي سانگهڙ جي 31 ۽ ضلع شڪارپور جي 15 ڳوٺن ۽ علائقن کي گئس فراهم ڪئي ويندي، …
سوئي سدرن پاران سنڌ جي 46 ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻ لاءِ 1.922 ارب روپين جي منصوبي تي عملدرآمد جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ هلندڙ مالي سال 27-2026ع دوران سنڌ جي 46 ڳوٺن ۽ علائقن تائين قدرتي گئس جي بنيادي ڍانچي کي واڌ ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، جنهن تي 1.922 ارب روپيا لاڳت جو ڪاٿو آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب انهن منصوبن تحت ضلعي سانگهڙ جي 31 ۽ ضلع شڪارپور جي 15 ڳوٺن ۽ علائقن کي گئس فراهم ڪئي ويندي، ان مقصد لاءِ مجموعي طور تي 178.52 ڪلوميٽر ڊگهي گئس پائيپ لائين نيٽ ورڪ وڇايو ويندو، جنهن مان 2710 امڪاني صارفين فائدو کڻندا. اهو منصوبو سوئي سدرن جي گئس فراهم ڪرڻ واري پروگرام جي ڇهين مرحلي جو حصو آهي، جنهن تحت گئس پيدا ڪندڙ فيلڊز جي پنجن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ موجود آبادين کي گئس جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. منصوبي تحت سانگهڙ ضلعي ۾ گئس فيلڊ جي آسپاس جي 31 ڳوٺن ۽ علائقن کي اٽڪل 1.503 ارب روپين جي خرچ سان گئس فراهم ڪرڻ جي تجويز آهي. ان منصوبي ۾ 1767 امڪاني صارفين لا3 132.40 ڪلوميٽر ڊگهيون پائيپ لائينون وڇائڻ شامل آهي. ٻئي پاسي شڪارپور ضلعي ۾ حسن گئس فيلڊ ويجهو 15 ڳوٺن ۽ علائقن لاءِ اٽڪل 418.99 ملين روپين جي خرچ سان هڪ ڌار منصوبو تجويز ڪيو ويو آهي. ان تحت 943 امڪاني صارفين لاءِ 46.12 ڪلوميٽر ڊگهو پائيپ لائين نيٽ ورڪ وڇايو ويندو، گئس جي فراهمي وارو اهو پروگرام وزيراعظم جي هدايت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عملدرآمد بئنچ جي حڪمن تحت لاڳو ڪيو پيو وڃي. ان پروگرام جو مقصد گئس پيدا ڪندڙ فيلڊز جي پنجن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ موجود آبادين کي گئس جو بنيادي ڍانچو فراهم ڪرڻ آهي. سوئي سدرن گئس ڪمپني عملدرآمد جي چوٿين سال تائين 404 ڳوٺن ۽ علائقن کي گئس فراهم ڪرڻ جون اسڪيمون مڪمل ڪري چڪي آهي، انهن اسڪيمن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف گئس فيلڊز جي آسپاس موجود آباديون شامل هيون، جن ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ سانگهڙ جا ضلعا به شامل آهن. مالي سال 28-2027ع دوران سوئي سدرن وڌيڪ 67 ڳوٺن ۽ علائقن تائين گئس جي بنيادي ڍانچي کي توسيع ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن تي اٽڪل 1.831 ارب روپيا خرچ ٿيندو. جڏهن ته مالي سال 29-2028ع ۾ وڌيڪ 60 ڳوٺن ۽ علائقن کي اٽڪل 1.796 ارب روپين جي خرچ سان گئس فراهم ڪرڻ جي تجويز آهي. مجموعي طور تي پروگرام جي ڇهين کان اٺين مرحلي دوران 173 ڳوٺن ۽ علائقن کي گئس فراهم ڪرڻ جون اسڪيمون تجويز ڪيون ويون آهن.











