اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌريءَ ميجر وجاهت وحيد شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته هن بهادري، عزم ۽ حب الوطني جو لازوال مثال قائم ڪيو. سومر تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته ميجر وجاهت وحيد شهيد وطن جي دفاع ۽ فرضن جي ادائگي ۾ جان جي قرباني پيش ڪئي، …
ميجر وجاهت وحيد شهيد کي خراج عقيدت، هن بهادري، عزم ۽ حب الوطني جو لازوال مثال قائم ڪيو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌريءَ ميجر وجاهت وحيد شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته هن بهادري، عزم ۽ حب الوطني جو لازوال مثال قائم ڪيو. سومر تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته ميجر وجاهت وحيد شهيد وطن جي دفاع ۽ فرضن جي ادائگي ۾ جان جي قرباني پيش ڪئي، اسان جا شهيد قوم جو فخر ۽ پاڪستان جي طاقت آهن، سندن قربانيون هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهنديون، اهي قربانيون ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهن، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ميجر وجاهت وحيد شهيد جا درجات بلند ڪري ۽ ڪٽنب جي ڀاتين کي صبر عطا ڪري.











