چين پاران آرڪٽڪ، انٽارڪٽيڪا ۽ تبت کي سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سان ڳنڍڻ جو اهم ڪامياب تجربو

بيجنگ- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي 16 هين آرڪٽڪ سامونڊي مهم جي ٽيم سومر تي ٻڌايو آهي ته چين قطبي برف ٽوڙڻ واري جهاز  آرڪٽڪ جي سامونڊي رستن تي مقامي طور تي تيار ڪيل سيٽلائٽ انٽرنيٽ جي آپريشن کان اڳ لاڳو ڪرڻ جو ڪامياب تجربو مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مهم دوران پهريون ڀيرو آرڪٽڪ، انٽارڪٽيڪا ۽ تبت سطح جنهن کي زمين جو ”ٽيون قطب“ به …

بيجنگ- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي 16 هين آرڪٽڪ سامونڊي مهم جي ٽيم سومر تي ٻڌايو آهي ته چين قطبي برف ٽوڙڻ واري جهاز  آرڪٽڪ جي سامونڊي رستن تي مقامي طور تي تيار ڪيل سيٽلائٽ انٽرنيٽ جي آپريشن کان اڳ لاڳو ڪرڻ جو ڪامياب تجربو مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مهم دوران پهريون ڀيرو آرڪٽڪ، انٽارڪٽيڪا ۽ تبت سطح جنهن کي زمين جو ”ٽيون قطب“ به چيو ويندو آهي، ۾ نيٽ ورڪ مواصلاتي نظام جي ڪامياب تصديق ڪئي وئي، جنهن سان دنيا ۾ مواصلاتي ڪوريج جو آخري خال به ڀرجي ويو آهي. مهم جي ٽيم مطابق اها اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي. اها مهم چين جي قدرتي وسيلن واري وزارت جي انتظام هيٺ منعقد ڪئي وئي.

مزید خبریں