آمريڪا پاران يوڪرين لاءِ اسٽار شيلڊ انٽرنيٽ جي رفتار محدود ڪرڻ جي ترديد

واشنگٽن- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين لاءِ اسٽار شيلڊ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سروس محدود ڪرڻ جي فيصلي ۾ پنهنجي ڪردار جي ترديد ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهو فيصلو نه هن ڪيو آهي ۽ نه ئي سندس خيال ۾ اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ ائين ڪيو آهي. واضح رهي ته يوڪرين جي فوج اسٽار شيلڊ سروس کي جنگ جي ميدان ۾ …

واشنگٽن- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين لاءِ اسٽار شيلڊ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سروس محدود ڪرڻ جي فيصلي ۾ پنهنجي ڪردار جي ترديد ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهو فيصلو نه هن ڪيو آهي ۽ نه ئي سندس خيال ۾ اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ ائين ڪيو آهي. واضح رهي ته يوڪرين جي فوج اسٽار شيلڊ سروس کي جنگ جي ميدان ۾ رابطن ۽ ڊرون آپريشنز لاءِ استعمال ڪندي آهي. يوڪرين جي دفاع واري وزارت جي هڪ عهديدار مطابق ان سروس جا ريسورز هاڻي صرف 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين جي رفتار تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن سان تيز رفتار ڊرونز جون ڪارروائيون متاثر ٿي رهيون آهن. اها اڳڀرائي هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ٽرمپ، يوڪرين تي روسي آئل ريفائنريز تي حملا روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي. ٻئي پاسي يوڪرين کي اڱاري ڏينهن روس جي ڪيترن ئي خطرناڪ حملن کي منهن ڏيڻو پيو هو.

مزید خبریں