جرمن چانسلر پاران يورپي يونين جي ايندڙ ڊگهي مدي واري بجيٽ ۾ خرچ گهٽ ڪرڻ تي زور

برلن- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز يورپي يونين جي ايندڙ ڊگهي مدي واري بجيٽ جي حوالي سان ڳالهين ۾ مالياتي احتياط اختيار ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته محدود مالي وسيلن جي دفاع کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ميڊيا رپورٽن موجب برسلز ۾ يورپي يونين جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن انهن تجويزن جي مخالفت …

برلن- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز يورپي يونين جي ايندڙ ڊگهي مدي واري بجيٽ جي حوالي سان ڳالهين ۾ مالياتي احتياط اختيار ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته محدود مالي وسيلن جي دفاع کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ميڊيا رپورٽن موجب برسلز ۾ يورپي يونين جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن انهن تجويزن جي مخالفت ڪئي جن جي تحت 2008ع کان پوءِ گهڻن سالن واري مالياتي فريم ورڪ (ايم ايف ايف) ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته بجيٽ ۾ ايترو وڏو اضافو مالي طور تي قابل عمل نه آهي، ان لاءِ يورپي ڪميشن جي تجويزن جي ڀيٽ ۾ خرچ ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مزید خبریں