ڪراچي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو 18 هين آڪٽوبر 2007ع جي ڪارساز سانحي جي جاچ ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ۽ اڳوڻي گهرو کاتي جي صلاحڪار وسيم اختر کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي …
18 آڪٽوبر 2007ع ۾ ٿيل ڪارساز سانحي جي جاچ ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ۽ گهرو کاتي جي اڳوڻي صلاحڪار وسيم اختر کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي: نثار احمد کهڙو
ڪراچي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو 18 هين آڪٽوبر 2007ع جي ڪارساز سانحي جي جاچ ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ۽ اڳوڻي گهرو کاتي جي صلاحڪار وسيم اختر کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي هن چيو آهي ته 18 هين آڪٽوبر ڪارساز سانحو ۽ 27 ڊسمبر لياقت باغ سانحي کي هڪ ئي سازش جون ڪڙيون سمجهون ٿا جن سانحن ۾ عوام جي آواز ۽ جمهوريت جو ڳلو دٻائڻ لاءِ جمهوري ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته 18 آڪٽوبر ڪارساز واري هنڌ تي جنهن ٽرڪ تي شهيد بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ موجود هئا ته ان ٽرڪ جي اڳيان شاهراهه فيصل جي اسٽريٽ لائيٽس کي بند ڪيو ويو ۽ جتان جتان اُها ٽرڪ گذري رهي هئي ته ٽرڪ جي پويان واري هنڌن تي لائيٽن کي ٻاريو ويو ۽ سيڪيورٽي خدشن جي باوجود شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اُها سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي هئي ان ڪري ان وقت جي گهرو کاتي جي صلاحڪار وسيم اختر کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي وطن واپسيءَ لاءِ استقبالي ريلي رات 12 وڳي کان اڳ ختم ٿيڻ جي دعويٰ ان وقت جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ڪهڙي بنياد تي ڪئي هئي؟ ان ڪري اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي پڻ ڪارساز سانحي جي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪارساز واري هنڌ تي هڪٻئي پٺيان ٻه ڌماڪا ڪيا ويا جنهن ۾ 200 جانثار ۽ ڪارڪن شهيد ٿيا جڏهن ته 500 جي لڳ ڀڳ ڪارڪن زخمي ٿيا پر ايڏي وڏي سانحي جي باوجود شهيد بينظير ڀٽو همٿ نه هاري. هن وڌيڪ چيو ته اِها پڻ جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪارساز واري هنڌ تان شاهراهه فيصل جون لائيٽون ڪنهن جي چوڻ تي بند ڪيون ويون ۽ حادثي واري هنڌ کي ڪنھن جي چوڻ تي ڌوئي فرانزڪ شاهديون مٽايون ويون. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪارساز جي شهيدن جي 19 هين ورسي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي ۽ پيپلز پارٽي پاران هر ضلعي ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ دعائيه تقريبون منعقد ڪيون وينديون. جڏهن ته اڄ 17 هين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ شهداءِ ڪارساز واري هنڌ تي پڻ پيپلز پارٽي پاران شام جو دعا جي تقريب منعقد ڪئي ويندي ۽ ميڻ بتيون ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. ھن چيو ته پيپلز پارٽي شھادتن باوجود ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ پارليامنٽ جي بالادستي ۽ جمھوريت جي تسلسل لاء پنھنجو جمھوري ڪردار ادا ڪري رھي آھي ته جيئن جھوريت مضبوط ٿئي ۽ ملڪ وڌيڪ ترقي ڪري.












