ڪراچي -16 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت شاگردن، يونيورسٽين مان تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن ۽ ڪيريئر جي شروعاتي مرحلن ۾ موجود ماڻهن لاءِ انٽرن شپ ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته انٽرن شپ ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران 100 کان وڌيڪ ڪمپنين سان رابطا ڪيا پيا وڃن.هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ …
سنڌ حڪومت يونيورسٽين مان تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن ۽ ڪيريئر جي شروعاتي مرحلي ۾ ماڻهن لاءِ انٽرن شپ ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي:شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي -16 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت شاگردن، يونيورسٽين مان تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن ۽ ڪيريئر جي شروعاتي مرحلن ۾ موجود ماڻهن لاءِ انٽرن شپ ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته انٽرن شپ ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران 100 کان وڌيڪ ڪمپنين سان رابطا ڪيا پيا وڃن.هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءِ ورڪ فار سنڌ ذريعي نوجوانن جي مهارتن ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن ڊجيٽل پليٽ فارم تي هن وقت تائين 51 لک 90 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وزٽ ڪري چڪا آهن، هڪ لک 36 هزار 547 اميدوار رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته 721 ڪمپنيون پليٽ فارم تي موجود آهن.هن چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي هن وقت تائين 31 هزار 270 نوڪرين جا موقعا پوسٽ ڪيا ويا آهن، 24 هزار 766 نوڪريون فعال آهن، جڏهن ته اميدوارن پاران 4 لک 73 هزار 339 درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن. هن پليٽ فارم ذريعي نوجوانن ۽ ملازمتون فراهم ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت روزگار جي فراهمي سان گڏ نوجوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۾ واڌ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي. آءِ ورڪ فار سنڌ تي عالمي سطح تي تسليم ٿيل 1,800 کان وڌيڪ مختصر تربيتي ڪورسن تائين رسائي فراهم ڪئي وئي آهي.هن چيو ته هن وقت تائين 4,620 اميدوار پنهنجا ڪورس مڪمل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 5,789 اميدوار مختلف ڪورسن ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. پليٽ فارم تي سرڪاري ۽ خانگي شعبن جي نوڪرين کي خودڪار طريقي سان شامل ڪرڻ لاءِ نظام پڻ تيار ڪيو پيو وڃي.شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته منصوبي جي شروعاتي تياري ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ ايندڙ ڏيڍ کان ٻن مهينن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جڏهن ته روزاني بنيادن تي نون روزگار جي موقعن بابت الرٽس جي سهولت متعارف ڪرائڻ جي پڻ منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.












